الله ڦهائي

الله ڦهائي: هي ديهه جو نالو آهي، جيڪا ڪراچيءَ ۾ آهي. ناردرن باءِ پاس سان گڏ حب ڏانهن لياريءَ کان اڳ ساڄي هٿ تي هن ديهه جون حدون شروع ٿين ٿيون. هن جون حدون لياري نديءَ تائين آهن ۽ کار، کٻڙ لڪ ڏانهن ويندي مراد بروهي ڳوٺ تائين آهن. هن ديهه جا گهڻي ڀاڱي ماڻهو مالوند آهن، انهن جو زراعت سان گهڻو تعلق آهي پر پاڻي گهٽ هئڻ ڪري هتي باراني طريقي سان زمين آباد ڪئي ويندي آهي. هن ديهه جو نالو موکيءَ (موکيءَ ۽ متارن واري تمثيلي داستان واري) جي ڀيڻ ”الله ڦهائي“ جي نالي پويان رکيل آهي.


لفظ الله ڦهائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو